ڍٻ گھوڙي

ڍٻ گھوڙي (راند): هن راند ۾ پنجن کان ڇهن ٻارن جون ٻه ٽوليون ٿينديون آهن. سِڪي جي ٽاس سان هڪ ٽوليءَ وارا وڻ يا ڀت ۾ منهن هڻي هڪ ٻئي پٺيان پنهنجي اڳئين ساٿيءَ جي چيلهه ۾ ٻک هڻي هڪ پاسي ڪنڌ هيٺ ڪري بيهندا آهن. آڳ وٺڻ واري ٻي ٽوليءَ جو هڪ همراهه ٿورو پري کان ڊوڙي ٽپو ڏئي ڪٻڙي ٿيل ساٿين کان مٿي وڃي پهرئين بيٺل همراهه جي پٺيءَ تي ويهندو آهي. ان جي پٺيان واري واري سان آڳ وٺندڙ ساٿي ٽپو ڏيئي پنهنجي ويٺل ساٿين جي پٺيان پنهنجي ساٿيءَ کي ڀاڪر وجھي ويهندا آهن. ان دوران انهن کي خبرداريءَ سان ٽپ ڏئي اهڙيءَ طرح ويهڻو آهي، جيئن پوئين ايندڙ ساٿيءَ کي ويهڻ جي جاءِ ملي وڃي. جڏهن سڀ ساٿي سلامتيءَ سان ويهي ويندا ته ان آڳ ڏيندڙ ٽولي جا ساٿي جيسين ٽڪي چڙهڻ جو اعلان نه ڪندا، تيستائين اهي سوار ويٺا رهندا. جيڪڏهن ٽڪي چڙهي ته سڀ لهندا ۽ ٻيهر وري ساڳيو عمل ڪندا، پر جيڪڏهن آڳ وٺندڙن مان ڪو به ٻار ٽپو ڏئي نه سگھيو ۽ ڪري پيو ته آڳ وٺڻ وارن کان ڄڻ هنن هارايو ۽ اهي وڻ يا ڀت ۾ منهن هڻي ڪٻڙا ٿي هڪ ٻئي کي ٻک وجھي بيهندا ۽ کٽيندڙ ڌر کي وارو ڏيندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو